رزاق سروهي

رزاق سروهي

رزاق سروهي

رزاق سروهي: ناليواري صحافي، شاعر ۽ اينڪر پرسن رزاق سروهي جو پورو نالو عبدالرزاق ولد عبدالحق سروهي آهي. سندس جنم 2 سيٽمبر 1965ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي بخش سروهي مان 1976ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان 1982ع ۾، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج گمبٽ، گريجوئيشن ۽ ماسٽرس (I.R ۾) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1987ع ۾ ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1977ع کان ٻاراڻي ادب کان ڪئي. سندس لکڻيون ماهوار گل ڦل، ٻارڙا، گلن جهڙا ٻارڙا، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ شايع ٿينديون رهيون. رزاق 1986ع ڌاري شگر ملز ۾ اڪائونٽس شعبي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پاڻ 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. هي ادب ۾ شاعريءَ سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته صحافت ۾ سياست ۽ سماجيات بابت ڪيترائي مضمون۔ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل پڻ لکيا اٿس. هن صحافتي ڪيريئر جي شروعات ‘عوامي آواز’ اخبار کان ڪئي، جتي سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. 2004ع ۾ صحافت سبب ماستريءَ تان وقت کان اڳ رٽائر ٿيو. رزاق سروهي سنڌ ٽي وي نيوز جو ڊائريڪٽر، اي آر واءِ نيوز ۾ ريجنل بليٽن جو انچارج ۽ 2011ع کان اڄ تائين آواز ٽي وي ۾ ڊائريڪٽر نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رزاق سروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.02  عيسوي

رزاق سروهي جوجنم 2 سيٽمبر 1965ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پطرس بخاري
زيب ڀٽي
جوڻيجو سميع ساجد
گنو سامتاڻي
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
ابراهيم لاشاري پروفيسر
عبدالحليم شرر
گوبند پنجابي
ديوي ناگراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون